پنهور ٻٽڙا

پنهور ٻٽڙا: هيءُ ڳوٺ دادو شهر کان 7 ڪلوميٽر اولهه طرف تعلقي جوهيءَ ۾ آهي. هن ڳوٺ کي ٽي وڏيون ديهون ڊگهه هيٺين، سرنجڙي ۽ بٺي لڳن ٿيون، ديهه ڊگهه هيٺين سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر جي جاگير هئي، جيڪا ڀُٽي دؤر ۾ مقامي هارين ۾ ورهائي وئي.
هن ڳوٺ ۾ ڏِتي جي مياڻي مشهور هئي، جيڪا هن وقت وڏي ڍنڍ آهي، جنهن جي مڇي اڄ به دادو شهر پُڄندي آهي. هن ڳوٺ ۾ پنهور، چارڻ، ميربحر، ماڇي ۽ جتوئي آباد آهن. هي ڳوٺ هوميوپيٿيءَ جي مشهور ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ جي جنم ڀومي آهي.


لفظ پنهور ٻٽڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو